خانچند درياڻي

خانچند درياڻي: سنڌي ڊراما نويسيءَ جي عظيم ليکڪ، اداڪار، پهرين سنڌي فلم ڪمپنيءَ جي پايي وجـهـنـدڙ فلمساز، ڊراما نگار، خانچند شامداس درياڻيءَ، 1898ع ڌاري حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سنڌي ادب جا تاريخ نويس ان ڳالهه تي متفق آهن ته: ”سنڌي ڊرامي جو ابو مرزا قليچ بيگ آهي، پر ڊرامي کي مقبول ڪرڻ ۾ خانچند درياڻيءَ جو هٿ آهي“.
خانچند درياڻيءَ جون سنڌي ادب ۾ خاص طور تفريحي ۽ سبق آموز ڊرامن لکڻ، اسٽيج ڪرڻ، ڊائريڪشن ڏيڻ ۽ ڊرامن ٺاهڻ سميت فلمن ٺاهڻ ۽ انهن کي مقبول ڪرڻ لاءِ وڏيون خدمتون آهن. هن جا سنسني خيز ناٽڪ ته تمام گهڻا مقبول ٿيا.
خانچند درياڻي زرعي کاتي ۾ ملازم هو، جتان 43 سالن جي ڄمار ۾ استيعفا ڏئي، سنڌي سئنيما جي دنيا سان لاڳاپجي ويو. سندس ڪوششن سان 1923ع ۾ حيدرآباد ۾ ’رابندرناٿ لٽرري ڊراميٽڪ ڪلب‘ جو مهورت بنگال جي عظيم شاعر رابندرناٿ ٽئگور خود سنڌ ۾ اچي ڪيو هو. ان ڪلب ۾ هيرانند آڏواڻي، لعل چند امر ڏنو مل، ڄيٺمل پرسرام، ڏيئل مل لعلواڻي ۽ منگهارام ملڪاڻي سندس ساٿاري هئا. خانچند درياڻيءَ جا 25 کن اصلوڪا ۽ ترجمو ڪيل ناٽڪ آهن، جن ۾ هن حقيقت نگاريءَ (Realism) جو رنگ ڀريو. هن پنهنجن ڪيترن ئي ڊرامن ۾ خود به ڪردار طور ڪم ڪيو ۽ سندس ڊراما ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيا ۽ انهن تي فلمون به ٺهيون.
خانچند درياڻيءَ ناٽڪن ذريعي سماجي اوڻاين کي پڌري ڪرڻ ۽ سڌاري آڻڻ جون ڪوششون ڪيون. ڊاڪٽر غلام علي الانا کيس ’نئين ناٽڪ جو پايو وجهندڙ‘ سڏيو آهي. سندس خيال آهي ته: ”خانچند ڊرامن ۾ هندو سماج جي اڍنگين ريتن ۽ رسمن، ڏيتي ليتيءَ جهڙي موذي مرض، مايا جي موهه ۽ ٻين ڪيترن اوڻاين جي نشاندهي ڪئي آهي“.
خانچند درياڻيءَ شخصي آزمودن بعد سنڌي ڊراما نگاريءَ کي حقيقت نگاريءَ جي دور ۽ سماجي ڪشمڪش تي لکڻ لاءِ موضوع گهڙي ڏنا ۽ سنڌي ڊراما نگاريءَ کي وقت جي تقاضائن ۽ سماجي مسئلن سان هم آهنگ ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. ان موضوع تي سندس ناٽڪ ’گلاب جو گل‘ کيرون لهڻي، جيڪو ڏيتي ليتيءَ (بدي جي رسم) جي خلاف پهريون مڪمل ناٽڪ هو. ان کان سواءِ هن پنهنجن ڊرامن ۾ نج گهريلو مسئلن، سس نُنهن جي جهيڙي، بدي جي رسم، سماجي اوڻاين، ظلم سان چڪرين کائڻ ۽ سچ جي سوڀ ٿيڻ جهڙن موضوعن کي کنيو. هن پنهنجي ڊرامي ’موتئي جي مُکڙِي‘ ۾ ’راڌان‘ جو ڪردار ادا ڪيو، جيڪو قابل داد هو. خانچند سنڌ ۾ ’ناٽڪ ڌڻي‘ ۽ ’فخر سنڌ‘ به سڏيو ويندو هو. کيس 1932ع ۾ بهترين ڊراموبک جو شڪار‘ لکڻ تي ڊاڪٽر تارا ٻائي پٽينا، انعام ۾ سونو ٻلو ڏنو.
خانچند درياڻيءَ جي ڊرامن ۾: ’گلاب جو گل‘ (1920ع)، ’موتئي جي مـکـڙي‘ (1923ع)، ’پدمڻي‘ (1923ع)، ’رتنا‘ (1924ع)، ’ٻليدان‘ (1924ع)، ’سچي سِڪ‘ (1925ع)، ’عجيب انصاف‘ (1925ع)، ’ملڪ جا مدبر‘، ’ديش صدقي‘ (1927ع)، ’زماني جي لهر‘ (1929ع)، ’مايا جو انڌ‘ (1930ع)، ’انسان ڪين شيطان‘ (1931)، ’بک جو شڪار‘ (1932ع)، ’زمينداري ظلم‘ (1928ع)، ’جيئري تي جيئري‘ ۽ ’پتي شيوا‘ اهم آهن.
هن پنهنجن ناٽڪن ۾ جاگيردارن ۽ زميندارن جي غريب هارين مٿان ٿيندڙ ظلمن کي پڌرو ڪيو. مايا جي انڌ ۾ اميري ۽ غريبيءَ جي فرق کي نروار ڪيو. سندس مزاحيه ڊرامي ’بک جو شڪار‘ ۾ ديسي شين کي واپرائڻ ۽ ڏيهي هنرن کي همٿائڻ تي زور ڏنل. اهڙيءَ طرح ’پتي شيوا‘ ۾ هندو مسلم اتحاد جي ڳالهه ٿيل آهي. خانچند درياڻيءَ ڪيترا ڊراما ترجمو به ڪيا، جيڪي سندس همعصر ڊراما نگارن جي ترجمن جي ڀيٽ ۾ اصلوڪا ۽ طبعزاد لڳن ٿا. هن ايڇ. ابسن جي ڊرامي ‘Pillers of Society’ جو ’ملڪ جا مـدبر‘ (1923ع) عنوان سان گجراتي ڊرامي ڀول نه ڀوڳ جو ’ پريم پــــريــڪشا‘ (1924ع) جي عنوان سان، مسز هينري روڊ جي ڊرامي East Lyane جو ’غلط فهمي‘ (1924ع) جي عنوان سان، گـجـراتي ڊرامي ’مت هيڻ ناريءِ‘ جو ’عجيب انـصـاف‘ (1925ع) جي عنوان سان، مئٽرلنڪ جي ڊرامي جو ’صدقي‘ (1927ع) عنوان سان ترجمو ڪيو سندس ٻين ترجمن ۾ ’زماني جي لهر‘ ۽ ’انسان ڪي شيطان‘ به شامل آهن. ’ملڪ جا مدبر‘ هن جو سڀ کان مقبول ترين ترجمو ڪيل ڊرامو آهي، جنهن ۾ اصليت جو رنگ نمايان آهي، هن ڊرامي ۾ سنڌي سماج جي قدرن جي اپٽار آهي.
خانچند درياڻيءَ 43 سالن جي ڄمار ۾ نوڪريءَ تان استعيفا ڏئي بمبئيءَ ۾ رهائش اختيار ڪرڻ بعد پهرين سنڌي فلم ڪمپنيءَ جو بنياد رکيو. هن 1962ع ۾ ديهانت ڪئي


لفظ خانچند درياڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو